خامنائي، سيد علي حسيني

خامنائي، سيد علي حسيني

خامنائي سيد علي حسيني

خامنائي، سيد علي حسيني: آيت الله سيد علي حسيني خامنائي، ايران جو ٻيو سپريم ليڊر (رهبر معظم) آهي. هيءُ 1981ع کان 1989ع تائين ايران جو صدر به رهي چڪو آهي. اسلامي انقلاب کان اڳ ۽ شروع وارا ڪجهه سال ’وزيراعظم‘ جو به عهدو وٽس هو، جيڪو نئين آئين مطابق ختم ڪري وزيراعظم جون ڪيتريون ئي جوابداريون ملڪ جي صدر حوالي ڪيون ويون. ايران ۾ صدر کان پوءِ ملڪ جو ٻيو’رهبر معظم‘ سڏجي ٿو، جنهن کي ايران جي آئين موجب ملڪ جو سياسي ۽ مذهبي پيشوا مڃيو وڃي ٿو. امام خميني اسلامي جمهوريه ايران جو پهريون رهبر معظم/ سپريم ليڊر هو ۽ 1989ع ۾ سندس وفات کان پوءِ سيد علي حسيني خامنائي، ايران جو ٻيو رهبر معظم چونڊيو ويو. پاڻ 1939ع ۾ مشهد ۾ رهندڙ هڪ خاندان ۾ جنم ورتائين. علي خامنائي اٺن ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ ٻئي نمبر تي آهي. سندس ٻه ڀائر پڻ ايران جا وڏا مذهبي عالم آهن. علي خامنائي اڃان پرائمري تعليم به پوري نه ڪئي ته سندس والدين کيس مذهبي تعليم لاءِ مدرسي ۾ ويهاريو. 1957ع ۾ هيءُ نجف ويو، جتي هڪ سال جو مختصر عرصو گذارڻ بعد قم ۾ اچي رهائش اختيار ڪيائين، جتي هن حسين بور جردي ۽ روح الله خميني جهڙن استادن کان سکيا ورتي. ان بعد 1963ع کان هن اسلامي تحريڪن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ان تحريڪ دوران رضا پهلوي بادشاهه جي دؤر ۾ علي خامنائيءَ کي ڪيترا ڀيرا جيل به وڃڻو پيو. علي خامنائيءَ ايران جي اسلامي انقلاب جو اهم ڪردار هو ۽ امام خمينيءَ جي ويجهن ساٿين مان هو. 1979ع ۾ تهران ۾ جمعي نماز جي امام آيت الله حسين علي منتظري جي استعيفيٰ ڏيڻ بعد امام خمينيءَ کيس اڳواڻ بڻايو. عراق ايران جنگ ۾ علي خامنائي جنگ ۾ به شريڪ رهيو ۽ هڪ بم ڦاٽڻ تي زخمي ٿيو. هن کي’زندهه شهيد‘ جي لقب سان به سڏيو وڃي ٿو. علي خامنائي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ ايران جي نوجوانن کي ڪافي اڳتي آندو، سندس چوڻ آهي ته: ”زمين هيٺ دٻيل تيل ۽ گئس جو ذخيرو آخر ته هڪ ڏينهن ختم ٿي ويندو، ان ڪري هينئر کان ئي اسان کي نيو ڪليئر ٽيڪنالاجي جو علم حاصل ڪرڻ کپي ۽ ان مان فائدا حاصل ڪرڻ کپن“ علي خامنائي جا ڪيترائي ڪتاب ۽ مضمون لکيل آهن، جن مان ڪجهه انگريزي ۾ به ترجمو ٿيل آهن. سندس تقريرن ۽ پيغامن جا نَوَ جُلد تعليمي ادارن ۾ پڻ پڙهايا وڃن ٿا. عرب ليکڪن سيد قطب، رضي الياسين ۽ عبدالمنيم ناصري جا ڪجهه ڪتاب هن عربيءَ مان فارسي ۾ پڻ ترجمو ڪيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو